عظيم قوم بڻجڻ لاءِ عظيم ڪردار گهرجي، بزدل ۽ بدعنوان شخص ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي: وزيراعظم

image
APP02-291121 JHELUM: November 29 – Prime Minister Imran Khan interacts with faculty and students of Al Qadir University, Sohawa. APP

اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ تحقيق جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پنهنجي ايندڙ نسلن کي سيرت النبي ﷺ، اولياءُ ڪرام جي تعليمات کان آگاهه ڪرڻ ۽ ڪردار سازي لاءِ القادر يونيورسٽي ۽ رحمت اللعالمين اٿارٽي تحقيق جا اهم مرڪز هوندا، القادر يونيورسٽي مسلمان امت کي درپيش فڪري مسئلن کي سلجهائڻ جي حوالي سان عالمي اسڪالرز جي تعاون سان تحقيق ۽ مباحثي جو محور بڻجندي، قرآني حڪمن جي باوجود معاشري ۾ اجتهاد کان دوري بدقسمتي آهي، عظيم قوم بڻجڻ لاءِ عظيم ڪردار گهرجي، اخلاقي قدر رکندڙ معاشري کي ايٽم بم به تباهه نٿو ڪري سگهي، خود غرض، بزدل ۽ بدعنوان شخص ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي. القادر يونيورسٽي جهلم جي اڪيڊمڪ بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تاريخ جو شاگرد آهيان، مون تاريخ جو گهرائي سان مطالعو ڪيو، پاڪستان پنهنجي قيام کانپوءِ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ دنيا ۾ پاڪستان جي هڪ حيثيت هئي ۽ پاڪستانين جي دنيا ۾ وڏي عزت هئي. ان وقت اهي اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون ته پاڪستان ايشيا جو ڪيليفورنيا بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پوءِ اسان هتي زوال ايندي ڏٺو. هن چيو ته آئون پنهنجي عقيدي جي بيناد تي سياست ۾ آيس ڇو ته سياست ۾ اچڻ کان پهرين دولت، شهرت سميت سڀ ڪجهه ڏسي ۽ حاصل ڪري چڪو هئس، هن چيو ته ڪنهن انسان تي الله جي سڀ کان وڏي نعمت ايمان آهي، ايمان وارو ماڻهو دولت، شهرت، انا، ذات، برداري جي زنجيرن جي خوف کان آزاد ٿي ويندو آهي جڏهن انسان انهن زنجيرن کان آزاد ٿي وڃي ته ان جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ کان ڪير روڪي نٿو سگهي، انسان کي الله اشرف المخلوقات بڻايو، ان کي اهي صلاحيتون ڏنيون جيڪي ڪنهن ٻي مخلوق ۾ نه آهن، هن چيو ته مون مديني جي رياست جو مطالعو ڪيو، آخر ڪهڙو سبب هو ته 2 سپر پاورز جي مجودگي ۾ ظاهر ۾ گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهن دنيا جي امامت شروع ڪري ڇڏي، هن چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، مون پنهنجي مطالعي مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جيستائين اسان سيرت النبي ﷺ تي نه هلنداسين علامه اقبال جي خواب جي تڪميل نه ڪري سگهنداسين، ان جي سوچ ڪنهن جي ذهني غلامي ۽ نو آبادياتي نظام کان آزادي هئي ڇو ته ذهني غلامي جسماني غلامي کان وڌيڪ خوفناڪ هوندي آهي، اولهه تهذيب ۽ اسلام جي ڀيٽ تي علامه اقبال شڪوه جواب شڪوه لکيو، وزيراعظم چيو ته اسان جو تعليمي نظام ترقي جي رستي تي وڏي رڪاوٽ آهي، هڪ طرف انگريزي نصاب تعليم ٻي طرف اردو ۽ پوءِ ديني مدرسا انهن ٽنهي متوازي نظام تعليمي سان ٽي مختلف طبقا نڪرڻ شروع ٿيا جنهن جو هڪ ٻئي سان ڪو به واسطو نه آهي، ان لاءِ اسان سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ماڻهو الله جي نالي تي خيرات ڪندا آهن، نماز، روزه، حج ۽ عمري جا پابند آهن، اسلام جي خلاف جڏهن به ڪو معاملو ٿئي ته سڀني کان پهرين پاڪستاني نڪرندا آهن، اسان هڪ طرف سچا عاشق رسول ﷺ ۽ اسان جو دين تي سڀني کان وڌيڪ زور آهي پر بدقسمتي آهي ته اسان جي زندگي ان جو عملي نمونه نه آهي، هڪ واقعه جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي هڪ وڏي اسڪالر اشفاق احمد جي چين جي عظيم اڳواڻ مائوزي تنگ سان ملاقات ٿي ته چيني اڳواڻ پاڪستان کي عظيم قوم قرار ڏنو. ان جو چوڻ هو ته جيڪا قوم شديد گرمي ۾ الله جي خوف جي ڪري روزه جي حالت ۾ پاڻي نٿي پئي اها الله جي خوف کان رشوت کان به بچي سگهي ٿي، هو پورو ٽيڪس به ڏئي سگهن ٿا، اهڙي ملڪ کي ڪير ترقي کان نٿو روڪي سگهي، وزيراعظم چيو ته اهي ئي مديني جي رياست جا اصول هئا. اتي خود احتسابي هئي، مسلمانن جي ڪردار جي ڪري غير مسلمان اسلام قبول ڪندا هئا، هن چيو ته اسان کي عظيم قوم بڻجڻ لاءِ عظيم ڪردار اختيار ڪرڻ گهرجي. نبي ڪريم ﷺ جي نبوت کان اڳ سڃاڻپ صادق ۽ امين جي هئي، هن چيو ته سچ ۽ انصاف جي بنياد تي ڪردار بڻجندو آهي، انهن صفتن کانسواءِ ڪو به اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي، وزيراعظم يچو ته نبي ﷺ جي سيرت جي مطالعي لاءِ ادارو بڻائڻ جي سوچ پيش نظر هئي، اسان عاشقان رسول ﷺ آيون ۽ ان جي سيرت تي عمل ڪندڙ قوم بڻجي سگهون ٿا، پاڪستان جي قيام ۾ جن اوليا ڪرام جو ڪردار هو اهي سچا عاشق رسول ﷺ هئا. هن عام انسانن کي زبان جي سيرت نبوي ﷺ جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو، وزيراعظم چيوته اسان ان مقصد لاءِ رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي بڻائي آهي، ان جي لاءِ ميڊيا کي استعمال ۾ آڻينداسين، ماڻهن کي سيرت النبي ﷺ کان آسان زبان ۾ آگاهي ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست ۾ جيتري گهٽ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ هڪ عظيم انسان سامهون آيو دنيا جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي، ان تي به ان يونيورسٽي ۾ تحقيق ڪنداسين ڇو ته يونيورسٽي جو بنيادي ڪم تحقيق هوندو آهي، اسلام جي تاريخ ۾ سمورا سائنس دان ۽ دانشور گڏجي هلي رهيا هئا، اسلام ۽ سائنس ۾ ڪو به تضاد نه آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ تحقيق جي ضرورت آهي، پنهنجي ايندڙ نسلن کي اولهه تهذيب کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ضروري آهي ته جيئن کين ٻڌايو وڃي ته اولهه ۾ جيڪڏهن ٽيڪنالوجيڪل ترقي نظر اچي رهي آهي ته ٻي طرف انهن جون عبادتگاهون خالي ٿي رهيون آهن، صرف مادي ترقي سان معاشري ۾ عدم توازن پيدا ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان اسان جو نوجوان نسل ابهام جو شڪار آهي، ان ترقي کي ڏسي هو سمجهن ٿا ته اسان پوئتي رهجي ويا آهن، اولهه ۾ ٿيندڙ ان تقريب جي اثرن جي حوالي سان تحقيق ڪرڻ يونيورسٽين جو ڪم آهي، هن چيو ته دنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج موبائيل فون آهي، ان جا مثبت اثرن کان گڏوگڏ ڪهڙا منفي اثرن آهن ۽ انهن کي ڪيئن بچڻو آهي؟ اسان سوشل ميڊيا کي بند نٿا ڪري سگهون پر پنهنجي ٻارن کي سٺي ۽ خراب جي تميز سيکاري سگهون ٿا ۽ انهن ۾ شعور پيدا ڪري سگهون ٿا، القادر يونيورسٽي عالمي اسڪالرز جي تعاون سان تحقيق، مباحثي جو مرڪز بڻجندي، اسان جي بدقسمتي آهي ته اسان پنهنجي معاشري ۾ اجتهاد نٿا ٿيڻ ڏيون جيتُوڻيڪ اجتهاد قرآن جو حڪم آهي، اسان جي بدقسمتي آهي ته موقف سان اختلاف راءِ رکڻ واري کي ڪافر قرارد ڏئي ڇڏيندا آهيون، جڏهن اهڙي سوچ هجي ته اسان اڳتي ڪيئن وڌي سگهون ٿا، ڪفر جي فتوائن جو خوف نه هجڻ جي ڪري اسان جي مقابلي ۾ اولهه ۾ اسلام تي وڌيڪ تحقيق ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان صلاحيتن کان مالا مال ملڪ آهي، هتي سڀ ڪجهه آهي صرف با ڪردار قيادت جي کوٽ رهي آهي، عوام جي خدمت پيغمبراڻو ڪم آهي، هو انسانيت جي خدمت جي آيو، ٻي طرف جڏهن ڪو اڳواڻ بڻجي قوم جو پئسو چوري ڪري ملڪ جي لاءِ ان کان وڌيڪ وڏو عذاب ڪو ٻيو نٿوٿي سگهي، نبي ﷺ ليڊرشپ جو تصور ڏنو هو ان تي هي يونيورسٽي ۽ رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي تحقيق ڪندي. وزيراعظم چيو ته خودغرض ماڻهو ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي، پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري سوچي اهو قائداعظم جي شڪل ۾ اڳواڻ بڻجندو آهي. خود غرض سان گڏوگڏ بزدل انسان به ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي، الله تعاليٰ ملڪ جي بدقسمتي آهي هتي ليڊرشپ جو معيار اهو هو ته ڪيترو پئسو ڪمايو ۽ پنهنجي ڪيترن رشتيدارن کي مٿي کڻي آيو تنهن هوندي به مديني جي رياست ۾ ميرٽ هو، وزيراعظم چيو ته ان يونيورسٽي ۾ دنيا جي دانشورن سان گڏجي تحقيق جا موقعا هوندا، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ نبي ﷺ جي شان ۾ گستاخي ٿيندي آهي ته مسلمان سربراهن ۽ اسلامي اسڪالرز گڏجي اهڙو مدلل جواب ڏين ته ڪو ملڪ اهو نه چئي سگهي ته مسلمان اظهار راءِ جي خلاف آهن، هتي وڏن وڏن دين جي بزرگن تي به ريسرچ ٿيندي. انهن جي ڪلام تي تحقيق ٿيندي، وزيراعظم چيو ته جتي اخلاقيات تباهه ٿيندي اتي ڀلي سون، هيرا ۽ جواهر به نڪرن پوءِ به اها رياست نٿي بچي سگهي، مديني جي رياست جو تصور امر بالمعروف و نهي عن المنڪر هو. وزيراعظم معاشري ۾ بدعنواني جي تباهڪارين تي روشني وجهندي چيو ته بدعنواني سان معاشرو تباهه ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن اسان پاڪستان کي ڏسون ته 1985ع کانپوءِ هن ملڪ ۾ سڀ کان وڏي تباهي بدعنواني جي صورت ۾ آئي، اهڙو معاشرو جنهن ۾ محنت ڪندڙ اهو ڏسي ته قبضا گروپ وڏا وڏا پلازا به تيار ڪري وٺندو آهي ۽ اهو اسيمبلين تائين به پهچي ويندو آهي ته اهڙي معاشري ۾ اخلاقيات پروان نٿي چڙهي سگهي، اسان جي بدقسمتي آهي ته سپريم ڪورٽ مان سزا يافته شخص ڪوڙ ڳالهائي ملڪ مان ڀڄي ويو آهي، هن اخلاقي قدرن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اخلاق قدر رکندڙ معاشري کي ايٽم بم به تباهه نٿو ڪري سگهي، اسان کي ايندڙ نسلن جي سيرت النبي ﷺ موجب ڪردار سازي ڪرڻ آهي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے