اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سسٽم جي ڪري ٽيل??نٽ مٿي نٿو اچي، ڪرڪيٽ جي موجوده نظام کي درست ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، مقابلي جي فضا ۾ بهترين ٽيل??نٽ سامهون ايندو آهي، نوجوان رانديگرن کي مٿي اچڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن، اسان ٽيل??نٽ کي اڳتي آڻڻ واري سسٽم ۽ ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي ٺيڪ ڪري وٺون ته پاڪستان ناقابل شڪست بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نشرياتي حقن جي حو??لي سان معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.