اسلام آباد – په??ين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قربا??ي جي لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنج?? آهي، عوام ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي تدبيرن کي هرگز نظرانداز نه ڪري، قربا??ي جي عيد جي هن موقعي تي قربا??ي جي جذبي سان سرشار ٿي غريبن ۽ ضرورتمندن جي وڌي چڙهي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئ?? آهي. صدر عيدالاضحيٰ جي خو??ي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خو??ي جو هي موقعو اسان جي زندگي ۾ خو??يون ۽ ڪاميابيون کڻي ايندو. صدر چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيده ماڻهن کي مختلف امتحانن ۾ وجهي آزمايو، اهي بزرگ هستيون انهن امتحانن ۾ پوري طرح سرخرو ٿيون، آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنج?? آهي.