اسلام آباد – 09 اپريل (ا?? پي پي) ڪورونا وائرس تي پارلياماني ڪميٽي جو ٻيو ا??لا?? خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ا??لا?? ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، اعظم سواتي ۽ شيخ رشيد احمد سميت راجا پرويز اشرف، مشاهد الله خان، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ سينيٽر غفور حيدري شرڪت ڪئي جڏهن ته شيري رحمان، خواجه آصف ۽ ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ وڊيو لنڪ ذريعي ا??لا?? ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم جي ناڻي ۽ واپار بابت صلاحڪارن ڪورونا وائرس سبب ملڪي معيشت ۽ واپار تي پوندڙ اثرن ۽ معيشت جي بحالي جي پلان تي بريفنگ ڏني.