اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ڪرونا وائرس جي و??ا کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون صوبائي حڪومتون ۽ پاڪستاني فوج ڏينهن رات محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي ??ورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، قومي ڪوششن جي ??پورٽ ۾ ميڊيڪل ايڪشن پلان بڻايو آهي، ٽنهي هٿياربند فوج جي ميڊيڪل سهولتن کي هر طرح سان تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، هٿياربند فوج جو ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ۽ وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.