اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) ??فا??ي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي معيار موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تر??يت هيٺ آفيسرن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. ان دوران تر??يت هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن سهولتن جي حوالي سان پُڇا ڪئي. گهرو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي معيار جي ڪنسلٽنٽ جي خدمت ??اصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. ??فا??ي وزير اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي جي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن مالي طور تي خودمختار ادارو بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪئي ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دوران محسن نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اي ايس پيز جي ڪورسز کي جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربيتي ڪورسز کي جاري ڪيو ويندو. گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن آفيسرن کي عملي تر??يت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي سربراهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اداري کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. ??فا??ي وزير چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين ملڪن جا آفيسر به هتي تر??يت لاءِ اچي سگهن.