اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته هواوي آءِ ٽي شعبي ۾ 3 لک نوجوانن کي تربيت فراهم ڪندو، 17 هزار ک??ن وڌيڪ شاگردن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار هن آءِ ٽي وزارت ۽ هواوي جي سهڪار سان آءِ سي ٽي ٽريننگ پورٽل کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چي?? ته جديد دؤر ۾ آءِ ٽي تمام اهميت جي قابل آهي، حڪومت لکين شاگردن کي آءِ ٽي جا تربيتي ڪورسز ڪرايا. هن چي?? ته هواوي 3 لک ٻارن کي سالياني تربيت ڏيندو، 17 هزار ک??ن وڌيڪ شاگردن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. شزه فاطمه چي?? ته 5 هزار ٽرينرز مڪمل تربيت حاصل ڪري چڪا آهن، پاڪستان ۾ 15 ڪروڙ ک??ن وڌيڪ نوجوان 30 سالن کا?? گهٽ عمر جا آهن. هن چي?? ته معيشت جي مضبوطيءَ لاءِ تربيت حاصل ڪندڙ نوجوانن جي سخت ضرورت آهي.