اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ويٽيڪن سٽي جي سفير آرچ بشپ گرمانو پينموٽ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير، سفير کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏيندي پ??پ فرانسس ۽ مسيحي برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هتي جاري ڪيل هينڊ آئوٽ مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻه طرفن لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ گهرو وزير، سفير آرچ بشپ کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏيندي پ??پ فرانسس ۽ مسيحي برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ويٽيڪن سٽي ۾ پ??پ فرانسس سان ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. پ??پ فرانسس جي سماجي ۽ معاشي انصاف ۽ انسانيت لاءِ خدمت??ن تحسين جوڳيون آ??ن. سندس جي دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ٿا. گهرو وزير چيو ته ويٽيڪن سٽي جي دؤري ۽ پ??پ فرانسس سان ملاقات جون شاندار يادون اڄ به تازيون آ??ن. هن چيو ته فلسطين جي مسئلي جي حوالي سان پ??پ فرانسس جرئتمنداڻو مؤقف اختيار ڪيو جنهن جي هرهڪ ساراهه ڪئي.