ڪراچي-23 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان جي ڀ??پو?? ڪوشش هجڻ گهرجي ته ڪي – فور منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪريون. ڪي – فور منصوبي سان ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپرومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاهه، ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان معظم، سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪا??پو??يشن صلاح الدين، چيف آپريٽنگ آفيسر ڪي ڊبليو ايس سي اسد الله خان موجود هئا. اجلاس ۾ ڪي فور منصوبي جي آگمينٽيشن سميت ٻين معاملن تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. س??يد غني چيو ته اسان جي ڀ??پو?? ڪوشش هجي گهرجي ته ڪي – فور منصوبو جيڪو هن وقت ڪراچي جي شهرين ??اء?? پاڻي جي فراهمي ۾ اهميت وارو آهي ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هن منصوبي سان ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بہتر بڻائي سگهجي ٿو.