اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ جو بل 2024ع قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪ??و ويو?? جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪ??و ويو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاه?? رٿ پيش ڪئي ته ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي?? جنهن جي قانون واري وزير مخالفت ن?? ڪئي. هن چيو ته ان حوالي سان ڪجهه شيون پيچيده آهن، ان معاملي کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پارلياماني ڪميٽيءَ کي موڪل??و وڃي. سيد نويد قمر چيو ته لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي ئي بل موڪل??و وڃي ۽ قانون وارو وزير به ان تي به پنهنجي راءِ ڏي. قانون واري وزير چيو ته قانونسازي هڪ مستقل ڪم آهي ۽ اها بهتريءَ لاءِ ٿيندي آهي. کاتن جي ايلوڪيشن رول آف بزنس تحت ڪابينه وقت بوقت تبديل ڪندي رهندي آهي?? جنهن کاتي طرفان بل ايوان ۾ ايندو آهي اهو ان کان ئي لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي موڪل??و ويندو آهي. ان موقعي تي سيد نويد قمر گذريل ڏينهن منظور ٿيل هڪ بل جو حوالو ڏنو جنهن جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته زميني رستن ذريعي ٿيندڙ واپار جي نگرانيءَ لاءِ ڊراءِ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل هو جنهن ۾ مختلف ادارن جي ڪوآرڊينيشن کي اسٽريم لائن ڪ??و ويو آهي ۽ زميني رستن ذريعي واپار کي ريگيولرائيز ڪ??و ويو آهي. بعد ۾ سيد خورشيد شاهه بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪ??و ويو.