اسل??م آباد ?? 10 ??? ڊسمبر (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي سندس 53??ين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آ??ف علي زرداري سوار محمد حسين شهيد کي ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سوار محمد حسين شهيد 1971ع جي جنگ دوران بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته سوار محمد حسين شهيد بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو، پوري قوم کيس بي مثال بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي تي سلام پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين جي معترف آهي ۽ اها انهن کي ڪڏهن به نه وساريندي. صدر آ??ف علي زرداري سوار محمد حسين شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.