اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اتحادي حڪومت ملڪ کي درپيش چئلينجز کي متحد ٿي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آه??، اسان جي متحد رهڻ سان مخالفن جون ننڊون حرام ٿي چڪيون آه??، آءِ ايم ايف سان معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سول ۽ فوجي قيادت ڀرپور ڪوششون ڪيون آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتحادي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اتحادي مشاورت سان فيصلا ڪن ٿا، فيصلا مڙهين نه ٿا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سمورن اتحادين ڀرپور ساٿ ڏنو آه??، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت سمورين اتحادي پارٽين ڀرپور تعاون ۽ ساٿ ڏنو، تمام گهڻيون مشڪلاتون آه??، نيڪ مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آه??ون، هتي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن نه ٿي رهي آه??، اڪيلو ڪجهه نه ڪري سگهندو هئس، ساٿ ڏيڻ تي اتحادين جو ٿورائتو آه??ان. هن چيو ته ڪابينا، پارليامينٽ ۽ اعليٰ عدليه جي وچ ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان ڪجهه معاملا هلي رهيا آه??، دنيا حيران ۽ پريشان آه?? ته ڪڏهن اڄ تائين ائين ناهي ٿيو ته هڪ قانون جنهن حتمي شڪل اختيار ناهي ڪئي ۽ ان تي اعليٰ عدليه جي ٽي رڪني بئنچ چئي ڇڏي ته صدر ان قانون تي ڪا راءِ ڏي يا نه ڏي، نافذ العمل نه هوندو، اڄ بار ڪائونسلز اسان جي محبت ۾ نه قانون جي عملداري ۽ اهڙا فيصلا جنهن سان آئين ۽ عدل جي نظام کي نقصان پهچي سگهي ٿو ان جي خلاف بيهي رهيون، اه?? چون ٿا ته اهو انصاف جي گهرجن موجب نه آه??. وزيراعظم چيو ته سمورن معاملن تي سياسي پارٽين جي نمائندن کلي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، اها ان ڳالهه جي گواهي آه?? ته اتحادي حڪومت صدق دل سان ڪوشش ڪريرهي آه?? ته ان سفر کي منطقي انجام تائين پهچائي، رڪاوٽون ختم ڪري، اسان جي مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آه?? ته هي اتحاد برقرار آه??، انهن پارٽين جدا رستو اختيار ڇو نه ڪيو، اسان جو اتحاد ڪاميابي اهي، ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو معاملو آخري مرحلي ۾ آه??، پئسن جي آخري شرط به پو??ي ڪري ڇڏي آه??، ناڻي واري وفاقي وزير ننڊون حرام ڪري ڪوشش ڪئي، پرڏيهي وزير ڀرپور ڪوشش ڪئي، اهو ملڪ جي لاءِ خلوص، درد ۽ عزم جو اظهار آه??، سپهه سالار به ان حوالي سان بي پناه?? ڪوشش ڪئي آه??، هي اهي چئلينجز آه?? جنهن جيڪي اسان سڀني کي درپيش آه??، اسان جنهن ٻيڙي ۾ سوار آه??ون ان کي ڪناري لڳائينداسين، ڪُن ۾ نه ڇڏينداسين، الله جي نصرت سان مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته هن ئي مهيني جي آخر ۾ چين جي نئين وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چئن ملڪن جي اجلاس جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم بڻجي جيڪا ذميواري ڏني وئي ان کي پو??و ڪندس.