اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف ??نگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شه??دن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شه??دن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳ??له?? ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر 8 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ فضل جانان جي وارثن سان رابطو ڪيو. هن 8 اپريل تي خيبر باڙه ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ نذيرالله محسود ۽ نائب صوبيدار حضرت گل جي پونئيرن سان پڻ فون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 5 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي حامد رسول جي ڀاءُ سان پڻ فون تي ڳ??له?? ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي شه??دن کي دهشتگردن جي خلاف ??نگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ??نگ ۾ شه??دن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن شه??دن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ قوم پاران شه??دن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شه??دن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.