ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪي ترقي جي لاءِ بي سهارا ۽ محروم ٻارن کي تعل??م جي فراهمي لازمي آهي، تعليم سان گڏ انهن ٻارن کي هنر سيکارڻ ۽ انهن جي نشونما جي لاءِ مناسب خوراڪ جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻائڻو پوندو، اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان جي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاتون اول”تاري زمين پر“ ايجوڪيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. بيگم ثمينه علوي چيو ته تاري زمين پر ٽرسٽ محروم ٻارن خاص طور تي جهُڳين ۾ ره??دڙن جي لاءِ ڪم ڪري ره??و آهي، تاري زمين پر ٽرسٽ بي گهر ماڻهن جو سهارو بڻجي ره??و آهي ۽ انهن کي ڇت جي فراهمي جي لاءِ ڪم ڪري ره??و آهي، ٽرسٽ 250 ٻارن جي تعليم ۽ 29 خاندانن کي گهر فراهم ڪرڻ کانسواءِ ضرورتمند ماڻهن کي ماهوار راشن ۽ اسپتالن ۾ کاڌو فراهم ڪري نيڪ ڪم ۾ حصو وٺي ره??و آهي، انهن خاندانن جا 200 کان وڌيڪ ٻار اڳ کان تعليم پرائي ره??ا آهن هاڻي ان ۾ وڌيڪ 36 خاندانن جو اضافو ٿيو آهي، اها ڳالهه ساراهه جوڳي آهي ته توهان انهن ماڻهن جي لاءِ نه رڳو رهائش پر انهن جي ٻارن جي تعل??م جو بندوبست پڻ ڪري ره??ا آهيو. توهان بي گهر ۽ بيروزگار ماڻهن جي لاءِ 36 گهر ٺاهڻ جو مشن شروع ڪيو آ??ي اهو هن معاشري ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ هڪ سٺي ڪوشش آهي. الله تعاليٰ انهن کي ان نيڪ ڪم جي لاءِ اجر عظيم عطا ڪري. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته محروم ٻارن جي لاءِ سرنديءَ وارا ماڻهو جيترو خرچ ڪري سگهن ٿا ڪن، سڀني کي گذارش ڪريان ٿي ته غور ڪن ته اسان پنهنجي معاشري ۾ پٺتي پيل ٻارن جي مدد جي لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون، آئون سمورين فلاحي تنظيمن ۽ معاشري جي خوشحال ۽ سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿي ته اهي پنهنجو وقت ۽ وسيلا انهن ٻارن جي ڀلائي لاءِ عطيو ڪن، جيڪڏهن اسان مان ڪير ٿوري ٿوري به مدد ڪري ٿو ته ان سان انهن ٻارن جي زندگي تي تمام مثبت اثر پئجي سگهن ٿا. ثمينه عارف علوي چيو ته محروم ٻارن کي تعليم کان آگاهي ڏيڻ گهرجي ۽ ان جي لاءِ تعل??م جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي جڏهن ته عورتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو. ثمينه عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ ذهني صحت جا ڪيترائي مسئلا آهن ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان وٽ 24 سيڪڙو ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، پوري ملڪ ۾ 400 کان 500 ماهر نفسيات آهن، اسان سڀني کي گڏجي ذهني دٻاءُ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ لاچار ٻارن ۽ بيواهن کي ڇت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تعمير ڪئي ويندڙ دارالسڪون شيلٽر هومز فيز ٽو جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. ان موقعي تي تاري زمين پر ٽرسٽ جو باني ڪاشف رياض ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فاديه ڪاشف پڻ موجود هئا.