اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل 15 ۽ 16 فيبروري تي پا??ست??ن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب رافيل ماريانوگروسي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي 15 کان 16 جنوري تائين پا??ست??ن جو دورو ڪندو. ڊي جي آءِ اي اي اي پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو ۽ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو جن ۾ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبي جا ادارا شامل آهن. بيان موجب هي دورو پا??ست??ن ۽ آءِ اي اي اي کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي شعبي ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پا??ست??ن 1957ع کان ايجنسي جو ب??ني ميمبر آهي ۽ آءِ اي اي اي سان پراڻو ۽ گڏيل طور تي فائديمند تعاون ڪري رهيو آهي.