اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) ڀارتي جيل ۾ بند ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال حسين ملڪ مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي ??ڪومت ياسين ملڪ سميت جيلن ۾ بند حريت قيادت جي ??زادي ۽ والاريل ڪ??مير ۾ انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين تي انصاف جي ??المي عدالت سان رجوع ڪري. گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ۾ والاريل ڪ??مير جي ??ڪراري حيثيت ختم ۽ آبادي ۾ تبديلي تي نئين قرار??اد ۽ ڪشمير جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي، دنيا جو امن ڪشمير جي پرامن حل سان واڳيل آهي، ڀارت جي ??ندر گهرو ويڙهه اچي رهي آهي، وڏي سيڙپڪاري به انهي گهرو ويڙهه جي ور چڙهي ويندي.
هو اطلاعات واري وزارت جي ??يلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) جي ??هتمام هيٺ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي ??والي سان انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ٿيندڙ هڪ ڏينهن واري ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل طارق محمود، اي پي ايڇ سي اڳواڻ عبدالحميد لون، ڊائريڪٽر فلمز آصف رحمان، ڊپٽي ڊائريڪٽر فل??ز اينڊ ايگزيبيشن فارينا مغل سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا عملدار تقريب ۾ شريڪ هئا. ڊي اي ايم پي جي ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل طارق محمود نمائش بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا اينڊ پبليڪيشنز يونيورسٽين جي ??اگردن ۽ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل آزادي جي ??حريڪ جي ??والي سان پينٽنگز مقابلن ۾ بهترين فن پارن کي اڄ نمائش جي لاءِ رکيو ويو آهي جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران تيار ڪيل ”ڪشمير بليڪ آئوٽ“ ۽ ”اسٽوري آف ڪشمير“ دستاويزي فلمن ۽ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي ??والي سان ”ڪشمير اسان جو آهي“ جي ??نوان سان نغمو جاري ڪيو ويو آهي، اهي به انهي نمائش جو حصو آهن. مشعال حسين ملڪ چيو ته اڄ جي هن نمائش ۾ آزادي جي ??حريڪ کي بهترين انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، تصوير دنيا کي اصل حقيقت کان باخبر ڪري ٿي.
هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قيادت جو منظر آهي، اسان کي پنهنجي نئين نسل کي ٻڌائڻو آهي ته ڀارت 75 سالن کان ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، والاريل ڪ??مير ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ آهي ڪير آهي ئي ڪو نه جيڪو ڀارت جي ??هشتگردي کي روڪي. هن چيو ته گڏيل قومن کان مطالبو آهي ته يوڪرين سميت وڏن تڪرارن تي نوٽيس ورتا وڃن ٿا ۽ رپورٽن تي ايڪشن ٿئي ٿو پر ڪهڙو سبب آهي انهن کي ڀارت جي ??ياستي دهشتگردي نظر نه اچي رهي آهي. هن چيو ته والاريل ڪ??مير ۾ حريت قيادت قيد ۾ بند آهي، حريت اڳواڻ علي گيلاني جي ميت جي ??ي حرمتي ڪئي وئي، ارشد سراهي کي جيل اندر زهر ڏنو ويو، آسيه اندرابي جيل ۾ بيمار آهي، شبير شاهه جا گهرڀاتي ڌڪا کائي رهيا آهن، ياسين ملڪ کي هڪ قبر ۾ رکيو ويو آهي، گذريل چئن سالن کان انهن کي ڊيڊ سيل ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته ياسين ملڪ کي وضوع جي لاءِ اٻرندڙ پاڻي ڏنو ويو جنهن جي ڪري سندس کاٻي ٻانهن سڙي وئي آهي. هن چيو ته ڀارت جيڪي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ان جو بنياد والاريل ڪ??مير آهي. هن چيو ته ڀارت جنهن انداز سان والاريل ڪ??مير جي ??اگرافيائي تبديل ڪ??ي ڇڏي آهي جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ويو ته هڪ سال ۾ والاريل ڪ??مير مني ڀارت بڻجي ويندو. هن چيو ته والاريل ڪ??مير ۾ انساني حقن جون سنگين ترين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت جي ??هشتگرد آرمي سان گڏوگڏ آر ايس ايس کي دنيا ۾ دهشتگرد تنظيم طور رجسٽرڊ ڪيو پيو وڃي.
مشعال حسين ملڪ چيو ته ڀارت جي ??ندر اقليتن سان ظلم ٿي رهيو آهي، گجرات بابت بي بي سي جي هڪ رپورٽ به سامهون آئي آهي، خبر نه آهي ڪڏهن انهن رپورٽن تي عمل ٿيندو. هن چيو ته والاريل ڪ??مير جي ??ندر ڪئميرا مين، ريسرچ، ??نساني حقن جي ??لمبردارن ۽ ميڊيا هائوس تي پابنديون آهن، اهي پابنديون دنيا کي ڇو نظر نه اچي رهيون آهن. هن چيو ته 22 ڪروڙ پاڪستانين جو آواز ڪشميرين سان گڏ آهي، ان سان گڏوگڏ سمورين سياسي پارٽين ۽ سمورن طبقن کي چوان ٿي ته اهو مسلسل جهاد آهي، اسان کي ٿڪڻو ناهي، اهو فرض اسان کي ايمانداري سان نڀائڻو آهي. اي پي ايڇ سي جي ??ڳواڻ عبدالحميد لون چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٿورائتا آهيون جيڪي ڀارت جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪندا رهيا آهن، پاڪستان ڪشميرين جي لازوال رشتي جي ??ڃاڻپ آهي. هن چيو ته ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڏهاڪن کان انهي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته والاريل ڪ??مير جا ماڻهو اڄ هڪ عذاب ۽ تڪليف ۾ آهن، بليڪ آئوٽ کانپوءِ ڀارت اسان جي ??اگرافيائي تي حملي آور ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي هڪ تڪرار جي ??يثيت حاصل آهي، اهڙي ۾ ڀارت ڪيئن والاريل ڪ??مير جي ??ڪراري حيثيت کي تبديل ڪ??ي سگهي ٿو.