بهاولپور – 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نو??ز اڄ محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جا پيغام عوام تائين پهچائڻ آئي آهي. هو بهاولپور تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته مريم نواز جي تازو ئي سرجري ٿي آهي، اڄ جو اجلاس تنظيمي آهي، سمور??ن تنظيمن جي عهديدارن جي تنظيمي ڪارڊ س??ن داخلا ٿي آهي ڇ?? ته هي اجلاس تمام اهميت رکندڙ آهي. هن چي?? ته جهڙي طرح اڄ مريم نواز جو استقبال ڪيو ويو اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چي?? ته مريم نواز وڏي آواز ۾ ڳالهه نٿي ڪري سگهي، ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو هو پر هو ٻاهر نڪتي آهي ۽ اڄ اسان جي وچ ۾ موجود آهي. هن چي?? ته مريم نو??ز اڄ محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جا پيغام عوام تائين پهچائڻ آئي آهي.