استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان وطن واپسي جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ترڪيءَ ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن ۽ ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو. ٻ??هي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خط??ب پڻ ڪيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين سان ملاقات، پاڪستان ترڪيه بز??س ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب، اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪئي.