اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته ڊيلي ميل ڏيڍ سال بهانا بڻائي ڪيس کي دير جو شڪار ڪ??و، اسان پنهنجي ڪيس کي بيان ڪرڻ جو ڪيس (ميننگ هيئرنگ) کٽي چڪا آهيون، ا??هن درخواستن تي ??يس جي لاڳت ادا ڪئي پئي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته ڊيلي ميل جي شهباز شريف تي هنيل الزامن جي ٻڌڻي جي لاءِ جج ايندڙ مهيني 13 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، ا??هن الزامن تي تفصيلي جواب 13 ڊسمبر 2022ع تائين جمع ڪرائڻو آهي. شهباز شريف پاران ڪيس ۾ مختصر جواب اڳ ۾ ئي جمع ڪ??اي?? ويو آهي. هتڪ عزت جي ڪيس جو ٽرائل ڊسمبر 2023ع ۾ ٿيندو. ڊيلي ميل عدالت ۾ پنهنجي الزامن کي اڃا تائين ثابت ناهي ڪري سگه??و، هاڻي ان کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.