اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ايم ??يل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ايم ??يل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي وڏا اقتصادي ??ثر ڇڏيندو. هن اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي ??اهداري (سي پيڪ) جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڳالهيون ٿيون جيڪي وزيراعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا. انهن منصوبن تي ايم ??و يو ايس صحيحيون ٿينديون. ان موقعي تي وفاقي وزير سي پيڪ جي ڪ??ترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته حڪومت انهن منصوبن خاص طور تي ايم ??يل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪ?? سي آر منصوبن کي شروع ڪرڻ تي پرعزم آهي. وفاقي وزير ايم ??يل ون ۽ ڪي سي آر منصوبن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي هڪ اسٽريٽجڪ پروجيڪٽس سمجهيا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ سموريون ڪارروائيو?? مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي منظوري پڻ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته ايم ??يل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي اقتصادي ??ثر پوندا. وفاقي وزير مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ثقافت ۽ ٻين ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. جيڪي پهرين نومبر تي وزيراعظم جي چين جي دوري دوران اٿاريا ويندا ۽ مختلف منصوبن تي ايم ??و يو ايس صحيحيون ٿينديون. چيني سفير حڪومت خاص ڪري منصوبابندي ?? ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير جي ڪ??ششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.