سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير ج?? تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڇو ته ڀارت 1947ع ۾ ان ڏينهن ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اصول جون ڌڄيون اڏائيندي ۽ ڪشميرين جون خواهشون پ??ئمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ فردوس احمد شاهه، زمروده حبيب، خادم حسين، سبط شبير، ??اس??ين راجا، ڊاڪٽر مصعب، مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير، پيپلز ليگ ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻ??و آزادي جي لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندا. هن چيو ته هٺ ڌرمي جي ڪري ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي گهيري وارو خطو بڻجي چڪو آهي.