ڪراچي- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ??ه پاڪستان جي موسمياتي ??بديلي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ??ازي بدترين ٻوڏ ان جو مثال آهي، اسان شهر جي بهتري ۽ ترقي لاءِ قومي ۽ عالمي ادارن سان گڏ ملي ڪري ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، شهر جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اها ڳالهه هن پنهنجي آفيس ۾ يونائٽيڊ نيشنز ڊول??مي??ٽ پروگرام بابت پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي، ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي سيد افضل زيدي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا، ملاقات ۾ يو اين ڊي پي ۽ ڪي ايم سي سان سهڪار سان اربن ڊول??مي??ٽ، موسمياتي ??بدلي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته دنيا جي سمورن وڏن ۽ سامونڊي شهرن ۾ اربن ڊول??مي??ٽ جي حوالي سان منصوبا ٺاه??ا ويا جنهن سان شهرين کي سهولت حاصل ٿي آهي، ان منصوبي ۾ روڊ نيٽ ورڪ جي واڌاري ۽ ترقي، ٽرانسپورٽ جو جديد نظام، پارڪس، تفريحي جڳهن کي بهتر ٺاهڻ ۽ ماحولياتي ??لودگي ۾گهٽتائي جهڙا قدم مٿين لسٽ آهي، ڪراچي دنيا جي ان شهرن ۾ شامل آهي ??تي ??بادي ۾ اضافي سان گڏو گڏ شهري وسيلن تي ??ٻاءُ ۾ اضافو ٿيو آهي، شهري حدود جي واڌاري ۽ جديد طرز رهائش هائوسنگ جي شعبي ۾ نوان پهلو متعارف ڪرايا، ڪراچي ۾ بنيادي شهري انفراسٽرڪچر کي ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن آبادي ۾ اضافي جي باوجود شهرين کي هڪجهڙيون سهولتون ميسر اچي سگهن، ان سلسلي ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ روڊن جي بحالي، تعمير ۽ مرمت، اسٽريٽ لائيٽس جي درستگي، وڻڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، ترقياتي ڪمن کي جديد دور جي تقاضن جي مطابق بنائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي ??ه جيئن اهو منصوبو وڏي عرصي تائين شهرين لاءِ قابل استعمال رهي، هن چيو ته ڪراچي دنيا جي انهن شهرن ۾شامل آهي ??يڪي ماحولياتي ??بديلين سان منهن ڏيڻ لاءِ عالمي معاهدي جو حصو آهن ۽ ان حوالي سان اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن جو ترقياتي ??دارا پنهنجي پروگرام جي سلسلي ۾ جيڪي پڻ مدد يا سهڪار چاهيندا اهو فراهم ڪيو ويندو، ڪراچي جي ترقي لاءِ صوبائي حڪومت پڻ خاص دلچسپي وٺي رهي ??هي ۽ ان ڏس ۾ سمورا ضروري قدم کنيا پ??ا وڃن.