اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زي?? حنا رباني کر سان چين جي سفير نونگ رونگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ??ري?? ٻطرفي تعاون جي مختلف رخن، پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چين پاران فراخدلي سان امداد کانسواءِ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.