اسلام آباد – 05 – آگسٽ (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ??هي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي عالمي سطح تي مڃيل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ??انچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ هن چيو ??ه ٽي سالن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين اها ڳالهه واضح ??ري ڇڏي آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪڌن منصوبن تي مسلسل عمل ڪري رهيو ??هي. پرڏيهي وزير چيو ??ه ڀارت اهڙا جابراڻا قدم کڻي رهيو ??هي جنهن تحت والاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت جي قيمت تي هندو اڪثريتي تڪ ٺاهيا ويا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ??ه اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي ۽ اها ڪشميرين جي جدا سُڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي ??وشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ??ه والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ??هي. هن چيو ??ه عدالت کان مٿانهين قتل، نظربندين، حقيقي ڪشميري قيادت کي قيد ۽ هراسان ڪرڻ سميت انساني حقن جي ٻين سنگ??ن خلاف ورزين ذريعي ڪشميرين جي انساني مصيبتن کي بهتر طريقي سان دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ??ه 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال 130 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن.