پشاور – 05 – آ??سٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر م??تا?? احمد غني چيو آهي ته 5 آ??سٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ ن??ين دور جي شروعات ڪئي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو. م??تا?? احمد غني چيو ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ ڏکيو امتحان ۽ فڪر جو لمحو آهي، عالمي برادري ڀارت جي غاصباڻي قبضي مان ڪشميري عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري.