ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف خضدار ??چل??ڪ قومي رست?? جي سيڪشن ون ۽ ٽو جي پ??ڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوب?? جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، صوبائي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ڪراچي ڪوئيٽا چ??ن رست?? جي ڪل ڊيگهه 700 ڪلوميٽر آهي. ڪراچي ڪوئيٽا چ??ن رست?? جي 330 ڪلوميٽر حصي خضدار ??چل??ڪ کي نئين سر تعمير سان گڏوگڏ ٻن ڦاڪن وارو ڪيو ويندو، ان رستي تي 37 پليون ۽ هڪ هزار ڪلورٽس ٺاهيا ويندا، ڏهاڙي 12 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ان روڊ تي هلڻ سان ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿيندي. رست?? جي تعمير سان 5 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.