اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان جي عزم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي پهرين دو??ي تي سندس شاندار آجيان ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا و??يڪ گهرا ٿيندا ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي س??هه ملندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ?? مدد ملي س??هي ٿي. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي س??هه ڏيڻ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ ان جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو جنهن سان خطو پنهنجي اقتصادي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي س??هي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏئي س??هي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ڏکڻ ايشيا ئي پنهنجي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏئي س??هي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا جهڙي برائي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڪانگريس ميمبر الهان عمر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي دو??ي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ?? مدد ملندي. ڪانگريس جي عورت ميمبر الهان عمر 20 کان 24 اپريل 2022ع تائين پاڪستان جو دو??و ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ هو لاهور ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دو??و ڪندي ته جيئن پاڪستان جي ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي وڌ کان وڌ سمجهي س??هي.