اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄ شهباز شريف جي ڪيس ۾ ضمانت مل??وي ڪرڻ واري درخواست کي ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري سومر ڏينهن دليلن جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انشاءَ الله سومر ڏينهن ضمانت مل??وي تي فيصلو اچي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهباز شريف کي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل لاهور پاران جاري ڪيل نوٽيس پڻ شي??ر ڪيو جنهن ۾ کيس 4 اپريل 2022ع تي عدالت ۾ حاضر ٿي جواب ??رخواست داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.