اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي انساني همدردي، ثقافت ۽ خانداني معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل طارق علي بخيت او آءِ سي پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام جي ڀرپور مدد جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن جي غير معمولي ڪانفرنس افغانستان ۾ انساني بحران مان سرخرو ٿيڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار رکندڙ هوندي، ان ڏس ۾ او آءِ سي پرڏيهي ??زيرن جي غير معمولي اجلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قر??رداد منظور ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم پاران افغانستان جي موجوده صورتحال تي سعودي عرب جي او آءِ سي پرڏيهي ??زيرن جي ڪانفرنس گهرائڻ جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا، هن پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو، هن اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ان ڪانفرنس جا ڪيترائي مقصد آهن ته ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ??ي ۽ ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان ۾ انساني همدردي امداد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي سگهي ??ي، اهو ڪانفرنس جو بنيادي مقصد آهي ۽ هي ڪانفرنس ان ڏس ۾ اهم ۽ جامع قر??رداد منظور ڪندي، هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ ان انساني بحران جي حل لاءِ جامع ?? ٺوس قدمن تي به غور ڪيو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي ان کان اڳ ماضي ۾ به وزارتي ۽ سربراهي سطح تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان ڪيتريون ئي قر??ردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ هي ڪانفرنس طلب ڪئي وئي آهي، ان ڪانفرنس ۾ ميمبرن ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته او آءِ سي افغانستان جي ان نازڪ صورتحال جي حوالي سان گهڻي سنجيده ۽ پرعزم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس افغان عوام جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ او آءِ سي ان ڏس ۾ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.