اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي انساني ۽ سماجي اقتصادي ترقي جو هڪ اهم جز آهي، تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ ۽ مدرسن جي شاگردن کي ڪمپيوٽر لٽريسي سميت فني تعليم به ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرمين ڪرنل (ر) ڊاڪٽر اميرالله مروت سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن کيس انساني ترقي بابت قومي ڪميشن جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين صدر کي آگاهه ڪي?? ته ڪميشن پرائمري تعليم تائين پهچ کي بهتر بڻا??ي رهي آهي، خواندگي جون مهارتون فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪميونٽي جي شرڪت کي ??روغ ڏيڻ کانسواءِ انتظامي صلاحيتن کي ??روغ ڏ??ي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪميشن ٽن رخي حڪمت عملي يعني يونيورسل پرائمري ايجوڪيشن، ايڪسلريٽيڊ لرننگ پروگرام ۽ ايڊلٽ لٽريسي پروگرام اختيار ڪري خواندگي کي ??روغ ڏ??ي رهيا آهيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪميشن انهن ٻارن کي تعليم فراهم ڪري ديني تعليمي ادارن کي ??رڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جيڪي ڪڏهن اسڪول ويا ئي نه ويا يا ڇڏي چڪا هئا. صدر انساني ترقي کي ??روغ ڏيڻ جي حوالي سان نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن احساس پروگرام ۽ انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) پاران مستحق خاندانن جي احساس وسيله تعليم پروگرام تحت ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي حوصلا افزائي جي لاءِ تعاون کي ??ڻ ساراهيو.