اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير فرخ حبيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سال?? جي لاءِ واپڊا چيئرمين مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻي ذخير?? جي منصوبن تي گهري دلچسپي وٺي ره??و آهي، پاڻي ذخير?? جي مختلف منصوبن تي واپڊا ڪم ڪري ره??و آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪ??اچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ واپڊا کي ڏنو آهي. هن چيو ته پاڻي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، انهن منصوبن سان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا ??وق??ا پيدا ٿيندا. هن چيو ته 70 سالن ۾ جيترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي انهن 10 پاڻي ذخير?? جي مڪمل ٿيڻ سان ذخيرو ٿي سگهندو.