اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (ا??ن سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ ر??ي فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ ا??ن سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عمل ڪندي حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. ا??ن سي او سي جي 500 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پ??هنجي مبارڪباد واري پ??غام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ا??ن سي او سي جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان ڪورو??ا جي چوٿين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان وٽ ڪورونا وائرس جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي پ??ري دنيا ساراهيو، اسان ڪورونا وبا جو به مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهيا پئي. هن چيو ته ڪورو??ا جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون ا??ن سي او سي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ دلچسپي جي ڪري ممڪن ٿيون آهن جنهن تي ا??ن سي او سي جي پ??ري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.