اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي حوالي سان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا، ايئربيس جي حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس اڳ ۾ ئي پنهنجو تفصيلي موقف ڏئي چڪا آهن، مخال?? ڌر جلسن جلوسن بدران تعميري ۽ مثبت سرگرمين تي ڌيان ڏي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخال?? ڌر جو چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ انهن جي موقف جي تضاد جي نشاندهي ڪري ٿو. مخال?? ڌر حڪومت سان چونڊ سڌارن تي ڳالهه به نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ چونڊ سڌارا به چاهي ٿي. هن چيو ته مخال?? ڌر ڪن??يوز، مايوس ۽ منتشر آهي، انهن جو رخ ۽ ارادا وکريل آهن. حڪومت بار بار مخال?? ڌر کي دعوت ڏني ته اچو ۽ پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو. چوڌري فواد حسين چيو ته پي ڊي ايم ۾ واضح تضاد آهي، هڪ ٽولو جلسا جلسا کيڏڻ چاهي ٿو، ٻيو پارليامينٽ جي اندر ڳالهه ٻ??لهه جو بيان ڏي ٿو. هن چيو ته مولانا پنهنجي سياسي محرومي جو بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي.