اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس اٽڪل 124 م??ين رپين جي فراڊ ج?? ڪهاڻي آهي جيڪو پاناما پيپرز ڪيس جي ڪاٿي کان وڏو آهي ۽ ان جي شروعات 2000ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن نيب عملدارن حديبيه پيپرز جي خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو، نواز شريف جا ٻئي پٽ حس?? ۽ حس??ن نواز، شهباز شريف ۽ سندس سياسي وارث حمزه شهباز به ان ڪيس جا مرڪزي ڪردار آهن، ان ڪيس ۾ ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن جنهن تي نئين جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جو مستقبل قانون جي حڪمراني سان واڳيل آهي. حديبيه پيپر ملز جي خلاف ڪيس جا تفصيل جاري ڪندي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو ته اسحاق ڊار ان فراڊ ۾ شريف خاندان جي معاونت جي لاءِ فارن ڪرنسي جا جعلي بي نامي اڪائونٽس کولرايا. پڪڙجڻ تي اسحاق ڊار واعده معاف گواهه بڻجي ويو ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي پنهنجو تفصيلي بيان به رڪارڊ ڪرايو پر بعد ۾ اهو چئي ته کانئس اهو بيان زبردستي ورتو ويو، پنهنجي بيان تان ڦري ويو.