اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارت??ان?? ۽ سفير طرفان پرڏيهي پاڪستانين جو خيال نه رکڻ ۽ پئسا وٺڻ جي شڪايت?? جي جاچ ڪرائي ان ۾ ملوث عنصر?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪن??اسين، جيستائين ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو نٿو ٿئي تيستائين پرڏيهي پاڪستاني ان فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، پنهنجي خاندانن کان ڪيترائي سال پري رهي محنت مزدوري ڪري پنهن??ي ملڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، اسا?? جي سفارت??ان?? پاران انه?? جي تحسين ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪن??ي هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ڊگهي عرصي کان هڪ ارب ڊالر جو اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، ان تي رضا باقر ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيون ٿا، ان کي اڳتي وڌائن ۽ پرڏيهي پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل ڪار ۽ سماجي خدمت به ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ آهن، جيڪڏهن انهن مان اسان 20 لک تائين به پهچي وياسين ته اهو اڪائونٽ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، ان لاءِ مارڪيٽنگ تي غور ڪريو ۽ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ??ي مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ مهارت مان فائدو کڻنداسين. پاڪستان جو مسئلو اهو آهي ته هتي ڪنهن پنهنجي برآمدات وڌائڻ تي غور ناهي ڪيو، ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي کوٽ به اسان جو الميو رهيو آهي، 30 سالن ۾ ڊالر جي گهٽتائي ۽ روانگي واپار گهٽ ٿيڻ جي ڪري 20 ڀيرا عالمي مالياتي فنڊ وٽ وڃڻو پيو، جيستائين اسان جو روانگي واپار نٿو وڌي اوورسيز پاڪستانين تي ڀاڙڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته شوڪت ترين جڏهن پهرين ناڻي وا??و وزير هو تڏهن هن روانگي اوپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ هاڻي اهو ٻيو ڀيرو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته گهر?? جي لاءِ عام ماڻهو کي قرض جي فراهمي بئنڪ?? جي عادت ناهي، امير ماڻهو کي اها سهولت آرام سان ملي ويندي آهي ان لاءِ بئنڪن کي پنهنجي عملي جي تربيت جي ضرورت آهي، هن چيو ته تعميراتي شعبي ۾ گهڻي بهتري آئي آهي، هڪ سال جي رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آيو آهي ۽ ماضي جو سمورو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، تنهن هوندي به اهو گهٽ آهي، اسان کي ان طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سان روپئي جي دٻاءُ پوندو آهي ان سان واڌ جي شرح ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري به متاثر ٿيندي آهي، روشن ڊجيٽل اهم پروگرام آهي، بئنڪن جهڙي طرح ساٿ ڏنو آهي ان کي ساراهيون ٿا، اسان کي هائوسنگ جي شعبي ۾ بئنڪن جو تمام وڏو ڪردار گهربل آهي.