اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياحت، وڻن ۽ زراعت جي شعبي ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقع?? آهن، اسان جي بلند پهاڙن ۽ گليشيئرز جو سوئيٽزرلينڊ به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، سياحتي علائقن جي زو??نگ سان گڏوگڏ بائي لاز به ٺاهڻا پوندا، سياحت سان ملڪ جي آمدني وڌندي، مقامي ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو، زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ پراڻ?? طريقن بدران جديد ٽيڪنالاجي تي وڃڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پشاور دره آدم خيل روڊ جي بحالي ۽ بهتري ۽ چترال شندور رستي جي بحالي ۽ توسيع جي پيڙه?? جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.