اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ?? پاڪستان تحريڪ انصاف مرڪزي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ ٻين پارٽين مان بااصول ۽ باڪردار ماڻهن جي پارٽي ۾ شموليت جي هدايت ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته آزاد ڪشمير جي لاءِ هائوسنگ پروگرام جي پيڙهه جو پٿ?? رکڻ واري تقريب تمام جلد وزيراعظم هائوس اسلام آباد ?? ٿيندي.