اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي حوالي سا?? پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قو??ن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غ??ر جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄمون ۽ ڪشم??ر جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکڻ جي گڏيل قو??ن جي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قو??ن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گ??يل قو??ن تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.