اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعات واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاهه ڪندي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ حڪ??مت جو تعاون گهربل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪ??مت جي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادارن وانگر ان شعبي کي به نئين دور جي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جديد گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪ??مت فلمي صنعت جي فروغ لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.