اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ۽ ويڙهه نه آهي، اسان جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي جنهن سان حڪومت ۽ مخ??لف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخ??لف ڌر حڪومت ??ي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام جي مفادن جي حوالي سان قانونسازي ۾ حڪومت ??و ساٿ ڏي، ملڪ ۽ عوام جي مفادن جي لاءِ حڪومت مخ??لف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ??و ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به م??اشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪومت مخ??لف ڌر پارٽين جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت مخ??لف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ جلوسن سان گهٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪن ٿا جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم هجي.