اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي آءِ اي جهڙن قومي ادارن کي ماضي ۾ تباهه ڪيو ويو، هن وقت پي آءِ اي سميت سيرين ايئر لائين ۽ ٻين نجي ايئر لائنز جا پائليٽس ڇنڊڇاڻ جي عمل مان گذري چڪا آهن ۽ تصديق ٿيل ڊگريون رکندڙ آهن، عوام اعتماد رکي، جهاز اڏائيندڙ سمورا پائليٽس جانچ کانپوءِ ڪليئر آهن، پي آءِ اي سميت سمورن ادارن جي ساک بحال ڪنداسين، جنهن اداري کي هٿ لڳايون ٿا ان ۾ مسئلا آهن، وفاقي وزير سيد علي زيدي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح م??اف??ن جو ??حفظ آهي، سول ايوي ايشن جي لائسنسنگ اٿارٽي جي پنج خاص ماڻهن کي معطل ڪيو ويو آهي، ضابطي جي خلاف ڀرتين ۾ ملوث ماڻهن جو ڪڙو احتساب ٿيندو، احتساب جو ??مل سدائين مٿان کان شروع ٿيندو آهي، گذريل 10 سالن ۾ ٻنهي حڪومتن ملڪي تشخص ک?? نقصان پهچايو، پيپلزپارٽي کي عوام کان ڦريل ڳڀي، لٽي ۽ اجهي جو ??واب ڏيڻو پوندو، وزير??عظ?? جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا، شاهد خاقان عباسي 20 ارب روپين جي سبسڊي ڏيڻ جي معاملي جو ??ڃان تائين جواب ناهي ڏنو، اسان جي ڪوشش آهي ته کنڊ جي قيمت عوام جي پهچ ۾ رهي، اهڙن خيالن جو ??ظهار گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.