اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هڪجهڙو تعل??مي نصاب لاڳو ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻا??و وڃي ته نصاب جي ڪتابن جي ڇپائي جي حوالي سان مافيا جي عمل دخل کي مڪمل طور تي ختم ڪ??و وڃي، هڪجهڙي قومي نصاب کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فر??هم ڪندي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته پهرين کان پنجين ڪلاس تائين متفقه نصاب تيار ڪ??و ويو آهي، ٻارهين ڪلاس تائين جو هڪجهڙو نصاب تيار ڪرڻ جو ڪم مارچ 2022ع تائين مڪمل ڪ??و ويندو، تعليم واري وزارت پي ٽي وي جي ذريعي ستن ڪلاڪن جي تعل??مي نشريات جو اهتمام ڪيو آهي ته جئين شآگردن جي تعليم متاثر نه ٿئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب تعليم جي شعبي ۾ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ جي حوالي سان موجوده حڪومت پنهنجي واعدي جي پڄاڻي ڪندي.