رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??اپ??ر جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ پوري طرح فعال آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي ??اپ??ر واري وزير ماجد القصبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ??اپ??ر وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پن موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??اپ??ر جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ پوري طرح فعال آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پاڪستانين جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. سعودي ??اپ??ر واري وزير چيو ته ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي واضح هدايتن موجب اسان پاڪستان کي سيڙپڪاري ۽ ??اپ??ر جي حوالي سان ترجيح ڏئي رهيا آهيون، سعودي ڪاروباري ۽ ??اپ??ري برادري ۽ سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هڪ کان ڏيڍ سال جي دوران ٻنهي ملڪن جي معاشي ۽ ??اپ??ري لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي نوجوانن ۽ نئين نسل ۾ سعودي پاڪستان دوستي جي حوالي سان جذبا وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ??ي ضرورت آهي.