اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير ج??ٽس (ر) ارشد حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صو??تح??ل ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جسٽس (ر) ارشد حسين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم نگران وڏي وزير ج??ٽس (ر) ارشد حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو صوبي ۾ آز??داڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندو.