اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات،نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردن جو ڪو مذهب نه آهي، اسان کي متحد ٿي انهن جو مقابلو ڪرڻو پون??و، دهشتگردي جي بزدلاڻن واقعن سان اسان جو عزم وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيو آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چارسده جي تعلقي تنگي جي عدالت ويجهو خودڪش حملي جي مذمت ڪندي هن چيو ته اسان حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿ??ند??ن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ۽ زخمي ٿ??ند??ن جي پونئيرن سا?? گڏ بيٺل آهيون. مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردن عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن جا سمورا بزدلاڻا حملا ناڪام ٿيا.