لنڊن -25 سيپٽمبر (اي پي پي ) دنيا ??ي سڀ کان وڏي حل??ل فوڊ فيسٽيول جي تقريب 28 کان 29 سيپٽمبر تائين لنڊن اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب انتطاميا کي هن سال فوڊ فيسٽيول ۾ 20000 کان به وڌيڪ شرڪت ڪندڙن جي آمد جو امڪان آهي. فوڊ فيسٽيول ۾ پاڪستان سميت ترڪيه، مراڪش ۽ انڊونيشيا جي نمائندگي ڪندڙ وينڊرز، شيفرز ۽ فوڊ اسٽالز موجود هوندا . تقريب جي انتظاميا ڪميٽي جي ڊائريڪٽر وليد جهانگير ٻڌايو آهي ته سموري دنيا ۾ مسلم آبادي ۾ لڳاتار اضافي سبب حل??ل فوڊ جي مصنوعات ج?? گهرج ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حل??ل فوڊ مان تيار ڪيل معياري ذائقن ۾ وڌندڙ دلچسپي نه رڳو مسلمان صارفين پر غير مسلمانن جو ڌيان به حل??ل کاڌن طرف ڏياريو آهي. ان تقريب ۾ مشهور شيف شخصيتن جي تيار ڪيل کاڌن جي ذائقن بابت لائيو ڪوڪنگ شو ??نعقد ڪيو ويندو جنهن جي ميزباني عالمي شهرت يافته شيف شيلينا پرمولو ڪندي.