اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمب??ي ۾ قائد اي??ان / وزيراعظم جي چونڊ جي لاءِ ميان محمد شهباز شريف ۽ شاهه محمود قريشي جا نامزدگي ڪاغذ من??ور ٿي ويا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميان محمد شهباز شريف ۽ شاهه محمود قريشي جي نامزدگي ڪاغذن جي باضابطا ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي. ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ٻنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ من??ور ڪيا ويا. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي اسيمب??ي ۾ وزيراعظم / قائد اي??ان جي لاءِ چونڊ سڀاڻي سو??ر ڏينهن ٻنپهرن جو 2 وڳي ٿيندي.