اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان ڪنهن ڪئمپ پاليٽسڪ جو حصو نه بڻجندو، اسان معاشي ۽ انساني طور تي گروپ سياست جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، پا??ستان جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين، روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پا??ستان جا يورپي يونين، آمريڪا سميت دنيا جي س??ورين طاقتن سان بهترين لاڳاپا آهن، علائقائي رابطن جي لاءِ روس جي خصوصي اهميت آهي، وزيراعظم مناسب وقت ۽ جڳهه تي يوڪرين جي حوالي سان ڳالهه ڪئي، روس يوڪرين تڪرار سفارتي ڪوششن سان حل ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان جي روسي قيادت سان ملاقاتن ۾ پا?? روس ڊگهي مدي واري گهڻ رخي لاڳاپن جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پا??ستان روس سان ڊگهي مدي واري بنيادن تي گئس حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. پرڏيهي وزارت ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ماسڪو ۾ پا?? روس قيادت ج?? وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي روسي صدر سان ساڍا ٽن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي معاملن خاص طور تي افغانستان جي صورتحال ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي بابت معاملا بحث هيٺ آيا. هن چيو ته پا??ستان ۽ روس ٻئي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن. وزيراعظم عمران خان روس جي صدر کي خاص طور تي والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. روسي صدر سان ملاقات ۾ پا??ستان ۽ روس ج?? وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ ايل اين جي س??يت ڪيترن ئي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته وڌيڪ ڌيان نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جيڪو پا??ستان جو اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبو سڏرائي ٿو، تي رهيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان پڻ روس جي صدر کي آگاهه ڪيو، روس جي نائب وزيراعظم ۽ توانائي واري وزير سان ملاقاتن ۾ پڻ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون وڌائڻ کانسواءِ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ روس کان گئس جي خريداري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته پا??ستان کي پنهنجي ملڪي ضرورتن لاءِ گئس جي ضرورت آهي ۽ اسان روس سان ڊگهي مدي وارن بنيادن تي گئس جي خريداري حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکون ٿا. پرڏيهي وزي چيو ته روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل ۾ پڻ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ۽ مون پا??ستان ۽ روس جي بزنس ڪميونٽي جي فورم سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ ۽ تعاون وڌائڻ ۽ واپار جي فروغ ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ بئنڪنگ جي حوالي سان مشڪلاتن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪارائتي رهي. روس جي س??ڙپڪارن مارچ جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شموليت ۾ پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ماسڪو ۾ مسجد جو پڻ دورو ڪيو اتان جون سهولتون ڏسڻ وٽان آهن. مفتي اعظم سان ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته روس فيڊريشن ۾ اٽڪل 25 ملين مسلمان رهن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي روسي قيادت سان ملاقات ۾ افغان صورتحال جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، افغان مسئلي تي روس ۽ پا??ستان جي س??چ ۾ هم آهنگي آهي. روسي قيادت کي ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ انساني الميي ۽ معاشي بحران جا اثر نه رڳو افغانستان پر خطي تي به پوندا. پرڏيهي وزير چيو ته افغان مسئلي تي 30 ۽ 31 مارچ تي بيجنگ ۾ ويهڪ ٿيندي جنهن ۾ روس سميت افغانستان جي ويجهن پا??يسري ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان ۽ روس عالمي خاص طور تي ايس سي او فورمن تي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته روسي قيادت سان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي عدم توازن، امن امان ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم يوڪرين جي حوالي سان پا??ستان جو موقف مناسب وقت ۽ مناسب جڳهه تي پيش ڪيو. هن چيو ته يوڪرين جي صورتحال رات وچ ۾ جنم ناهي ورتو، ان جي ڊگهي تاريخ آهي. پا??ستان جي پهرين ڏينهن کان اها خواهش رهي آهي ته اهو تڪرار سفارتڪاري جي ذريعي حل ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ نقصان اسرندڙ ملڪن جو ئي ٿئي ٿو. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون هن وقت 100 ڊالر کان مٿي ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمتن تي پڻ اثر پوندو. هن چيو ته سفارتڪاري جا امڪان اڃا به موجود آهن ۽ معاملن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو، تڪرارن ۽ جنگين سان تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم جي روس جي دوري کان اڳ اسان وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ اڳوڻن سفارتڪارن سميت پرڏيهي وزارت جي س??نيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي ۽ روس يوڪرين تڪرار جي پس منظر ۾ دوري جو جائزو ورتو ويو. مشاورت کانپوءِ ان نتيجي تي پهتاسين ته روس سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو موقعو هٿ مان وڃائ?? نه گهرجي ۽ اسان جو فيصلو صحيح هو، اسان جي ڊپلوميسي اسپيس ۾ اضافو ٿيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊائيلاگ ۽ ڊپلوميسي جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ا??ان فيصلو ڪيو آهي ته پا??ستان ڪنهن گروپ جي س??است جو حصو نه بڻجندو. پا??ستان معاشي ۽ انساني طور تي ڪئمپ پاليٽيڪس جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اسان پا??ستان جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين. اسان جا يورپي يونين آمريڪا سميت دنيا جي س??ورين طاقتن سان بهترين لاڳاپا آهن. علائقائي رابطن جي لاءِ روس جي خصوصي اهميت آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته روس جي دوري کان اڳ آمريڪي رابطا هئا، انهن ”معصومانه“ سوال ڪيو ۽ اسان ”مودبانه“ جواب ڏنو. وزيراعظم دوري سان انتهائي مطمئن هو ڇو ته ان جا يورپ ۾ نه ته محلات هئا ۽ نه بئنڪ اڪائونٽس، هو پا??ستان جي مفاد جي ڳالهه ڪرڻ ويو هو. اسان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ جدت آهي، قوم کي ان ڳالهه تي اطمينان هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان جا يوڪرين سان سٺا لاڳاپا هئا ۽ آهن. پا??ستان يوڪرين کي وڏي اهميت ڏي ٿو. روس سان اسان جا فوجي لاڳاپا بهتري طرف وڃي رهيا آهن. يوڪرين ۾ پا??ستاني شهرين ۽ شاگردن جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته ا??ي س??ورا شاگرد محفوظ آهن، اتي پا??ستاني شاگردن جي مارجڻ جي حوالي سان خبر ۾ ڪا صداقت نه آهي. هن چيو ته منهنجي پا??ستاني س??ير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ کيس پا??ستانين جي تحفظ جي هدايت ڏني آهي. پا??ستانين جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان ڪيف مان سفارتخاني کي عارضي طور تي پولينڊ جي سرحد ويجهو يوڪريني شهر ترنول منتقل ڪيو آهي ته جيئن پا??ستاني شهرين کي آساني سان پولينڊ منتقل ڪري سگهجي. ملڪي س??است جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر جي ملاقاتن جو اسان تي ڪو اثر نه پوندو. اڄ ڇنڇر ڏينهن سنڌ حقوق مارچ جي لاءِ گهوٽڪي پهچي رهيو آهيان، بلاول ۽ شهباز شريف تيار ٿي وڃن، بلاول ڀٽو کي هر ڳالهه جو تفصيلي جواب لاڙڪاڻي ۾ ملندو.