اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان چورن، ڦورن ۽ ملڪي خزاني کي بيدردي ??ان لُٽيندڙن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو آهي، بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ٽيئي ڪرپٽ ماڻهو بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي چڪا آهن، اڄ عمران خان ٽنهي جي اصليت بيان ڪئي آهي، اڃا ته انهن جون وڌيڪ رڙيون ٻڌڻ لاءِ ملنديون. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته جيڪڏهن شهباز شريف ڪرپشن ناهي ڪئي ته پنهنجي مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ ڇو نٿو ڏي، هر ڀيري شوباز ٻڌڻي ۾ التوا وٺڻ ڇو پهچي وڃي ٿو؟ جيڪو چوري ڪندو آهي اهو فرد جرم کان ڀڄندو آهي، شهباز شريف اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته شهباز شريف سميت سمورن چورن جي آخري آرام گاهه جيل ئي آهي ڇو ته انهن ملڪي خزاني کي بيدردي ??ان لُٽيو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته (ن) ليگي قيادت هڪ مهيني ۾ ڪيترن غيرملڪي سفارتڪارن ??ان ملي ۽ ان ۾ ڇا طئي ٿيو، ٻڌايو وڃي، پهرين آءِ ايم ايف وٽ نه وياسين ته چوندا هئا ته تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي ويندي ويندي ۽ هاڻي جڏهن عوام کي ريليف ڏنو ته چون ٿا ته آءِ ايم ايف پروگرام کان ٻاهر نڪري رهيا آهيون، اهي ماڻهو منافقت جا بي تاج بادشاهه آهن، سدائين ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو وٺندا رهندا آهن، مملڪتي وزير چي?? ته دنيا ۾ هن وقت ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي آهي، آمريڪا، يورپ جهڙن ملڪن ۾ مهانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ماضي ۾ انهن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري ملڪي خزاني کي تمام گهڻو نق??ان پهتو، ماضي جي حڪومتن جي قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ حڪومت کي نوان قرض وٺڻا پيا، هن چي?? ته سموريون اتحادي پارٽيون ا??ان ??ان گڏ آهن، ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪروڙن جي ٻولي لڳائي وئي سڀئي ميمبر حوصلي ??ان بيٺل آهن، هن چي?? ته پي ٽي آءِ جي پارٽي اڪائونٽس تي گوڙ ڪندڙ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا 17 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجا اڪائونٽس گوشوارن ۾ ظاهر ناهن ڪيا ۽ نه ئي عطيو ڏيندڙن جو رڪارڊ پيش ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن کي ڏنو آهي، ان جي مقابلي ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻڙي تي بيٺل آهي.