اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي ??نهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ??و، قومي سلامتي پاليسي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن جي وفاقي ويرن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي سلامتي وارن صلاحڪارن ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري ڏني، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو تحفظ ??هر??ن جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي ??نهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ??و، وزيراعظم ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي جي تياري ۽ منظوري کي ??ڪ تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هدايت ڪئ?? ته پاليسي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن، هن قومي سلامتي جي صلاحڪار کي ??اليسي تي عملدرآدمد لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، قومي سلامتي مشير اجلاس کي ??اليسي جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پاليسي هڪ جامع قومي سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت ملڪ جي ??هر??ن جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار ي??ين?? بڻائيندي، ??هر??ن جي تحفظ جي خاطر پاليسي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي ??هر??ن جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پاليسي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، پاليسي تي عملدرآمد ي??ين?? بڻائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي کان منظوري کانپوءِ پاليسي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي ويندي.